سجاد مهر

سجاد مهر

سجاد مهر

سجاد مهر: ڪالم نگار ۽ شاعر سجاد مهر جو اصل نالو الهورايو ولد شمس الدين مهر آهي. سندس جنم 30 مئي 1969ع تي شڪارپور شهر ۾ ٿيو. هيءُ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس)، ايم. اي (انگلش) ۽ ايم. ايڊ آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آهي. سجاد مهر لکڻ جي شروعات 1986ع کان ڪئي، شروع ۾ سندس لاڙو شاعريءَ طرف هو ۽ سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي، بعد ۾ اديب ۽ صحافي اعجاز منگيءَ جي صحبت ۾ اچي نثر لکڻ شروع ڪيائين. سندس همعصر ڪالم نگارن ۾ اشفاق آذر ۽ عديل مهر شامل آهن. سجاد مهر سـنـڌ جي سيـاسـي، سماجي مسئلـن ۽ بين الاقوامي معاملن تي ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪالم روزاني سنڌي اخبارن ڪاوش، ڪوشش، سوڀ، عوامي آواز اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت، شڪارپور جو سيڪريٽري ۽ ميمبر به رهي چڪو آهي. کيس ادبي خدمتن عيوض ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به مليل آهن.


لفظ سجاد مهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.05.30  عيسوي

ڪالم نگار ۽ شاعر سجاد مهر جو اصل نالو الهورايو ولد شمس الدين مهر آهي. سندس جنم 30 مئي 1969ع تي شڪارپور شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحئي گهوٽو مولانا
بولو کيدو
چاچڙ حاجي خان اول
استاد حيدري
شاهه محمد مهيسر ڊاڪٽر
پرسواڻي سلامت راءِ
مير ابوالمڪارم شهود سبزواري
بيرم خان
حاتم طائي
مرزا محمد صالح ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون